درسگاهه چوٽياري

درسگاهه چوٽياري

درسگاهه چوٽياري

درسگاهه چوٽياري (ڪتب خانو): ’درسگاهه چوٽياريءَ‘ جو ڪتبخانو سنڌ جو انتهائي قديم ڪتبخانو هو. هن وقت کنڊر بنجي قديم آثارن جي صـورت اخـتيـار ڪـري چـڪـو آهي. چوٽيارين جو هيءُ ماڳ سانگهڙ کان 15 مـيـل اوڀـر طــرف نـاري جـي ڪـنڌيءَ آهي. درسگاهه چوٽياريءَ بابت ڊاڪـٽر نبـي بخـش خان بلوچ لکيو آهي ته: ”ٽالپرن جي دور ۾ سنڌ جو تعليمي معيار ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ ڪنهن به طرح پوئتي ڪو نه هو.“ ايلس(Ellis) جي رپورٽ موجب انگريزن جي حملي کان اڳ سنڌ ۾ مقامي تعليمي سلسلو گهڻو وسيع هو. رچرڊ برٽن موجب: ”سيوهڻ، کهڙا، مٽياري، ولهار ۽ چوٽياريون اعلى تعليم جا مکيه مرڪز هئا ۽ انهن هنڌن تي قائم درسگاهون اڄ جي ڪاليجن جيتري اهميت رکنديون هيون.“ درسگاهه چوٽياريون (چوٽياريءَ) جو باني ميون محمد مبين ڪيريو هو. هن جون ملاقاتون محمد هاشم ٺٽويءَ ۽ ميين شاهه عنات رضويءَ سان به ٿيون هيون. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي به ساڻس خط و ڪتابت رهي هئي. درسگاهه چوٽياريءَ جو بنياد ميين مُبين 1135-1140هه ۾ وڌو هو. هن پنهنجي هٿ اکرن سان کوڙ ناياب علمي ۽ ادبي ڪتاب نقل ڪيا، جيڪي تمام سهڻن هٿ اکرن ۾ لکيل ملن ٿا. هن درسگاهه ۾ ڪتابن جو وڏو تعداد موجود هو ۽ چوٽياري درسگاهه ۾ پڙهندڙن اڳتي هلي علم ۽ ادب ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو. هن درسگاهه جي استادن جو وڏو تعداد به هن ئي درسگاهه مان پڙهيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو